اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي ج??ئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثي?? جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل ??ومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري ج??وجهد ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سا?? گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جن?? جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلو?? جي انتها ڪري ڇڏي آهي.