بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپا??ي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ??ين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چين ۾ سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي صدر شي جن پنگ جا ٿورا مڃيا. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پ??ڪستان جي تاريخي دوري کي ياد ڪيو جنهن دوران چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي باضابطا طور تي فعال ڪيو ويو هو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي وئي هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري جي توثيق ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپا??ي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ??ين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول افغانستان، فلسطين ۽ ڏکڻ ايشيا بشمول ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي دلچسپي جي معاملن تي پنهنجي پ??اڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر شي جن پنگ جي ويزنري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي آر آءِ جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تحت جاري وڏن منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق راءِ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سي پيڪ تحت ٻنهي ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ مڪمل حمايت تي زور ڏنو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي اقتصادي سڌارن ۽ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جديدڪا??ي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي پ??ليسين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت جي عوام تي مرڪوز سماجي ۽ اقصادي ترقي جي ايجنڊا چين جي ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور تي ٻڌل آهي. صدر شي جن پنگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو، جتي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ ٻيو دور ٿيو. 2024ع ۾ عهدو سنڀالڻ کا??پو??ِ چين جي صدر سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اها پهرين ملاقات هئي. اها ملاقات ٻطرفي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي عڪا?? هئي.