اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصو??ي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فائن اٽي جي برآمد تي حڪومت پابندي هڻ?? ڇڏي آهي، ڪڻڪ جو مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته عوام تائين سستي ماني ۽ اٽي جي فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ ذخيره اندوزن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.