اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته متحده عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثق??فت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار ص??ر متحده عرب امارات جي وزير شيخ نيهان بن مبارڪ النيهان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.