اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خطي ۾ ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجڻ جو واضح اعلان ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ علائقائي تڪرارن جي ڪري پاڪستان تمام گهڻو نقصان کنيو آهي، هاڻي ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجندو پر سدائين امن جي حصيدار طور ڪ??دا?? ادا ڪندو رهندو. هن اها ڳالهه عمان جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزير شي?? عبدالله بن محمد بن عبدالله اسالمي سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سلطان قابوس بن سيدالسيد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظها?? ڪيو.