لاهور – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وا??ار??ل ??شم??ر ۾ آزادي جي تحريڪن جي پٺيان پاڪستان جي ملوث هجڻ جي ڀارتي پروپئگنڊا پوري دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي، جڏهن به ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهي اسان امن جو پيغام ڏنو، ??شم??ر جي آزادي اتان جي عوام جي امنگن جي تحريڪ آهي، پاڪستان پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته اسان امن پسند قوم آهيون، جهڙي طرح اسان 51 لک افغان پناه??ير?? کي پاڪستان ۾ پناهه ڏني ان جو مثال به پوري دنيا آڏو ظاهر آهي، وزيراعظم عمران خان ??شم??رين جي آزادي جي تحريڪ لاءِ عالمي سطح تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هو نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ 12هين سالياني ٽن ڏينهن واري نظريه پاڪستان ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.