اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ان مقصد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي ح??الي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪرڻ وقت زميني ح??يقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪرڻ سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جه??د ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪرڻ جي ح??الي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.