اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيلي اسڪول ??ي وي کان گهرن ۾ محدود ٻارن ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي تعليم جي سهولت ميسر ايندي، ٽيلي اسڪول ??ي وي سان تعليم بالغان کي به فروغ ڏئي سگهجي ٿو، ٽيلي اسڪول ۾ بهتري لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ پي ??ي وي جي سهڪار سان شروع ڪيل ٽيلي اسڪول ??ي وي چئ??ل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.