اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان ا??حاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان ا??حاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي الحاق جي قرارداد منظور ڪئي وئ??. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان ا??حاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان ا??حاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.