اسلام آباد ?? 22 ??ولاءِ (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مس??قبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، ??هي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مس??لن ۽ مس??قبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??اص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مس??قبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مس??قبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.