اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ??ن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪورونا جي ڪ??ي انساني جا??ين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جا??ين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان امن ع??ل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن ع??ل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن ع??ل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جن??ن سان بين الافغان ڳالهيون جلد شر??ع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.