اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (اين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت اين سي اي جي س??ورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ائٽمي س??امتي ۽ ائٽمي عدم ڦه??اء?? جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. اين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي م??جوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين سي اي روايتي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي ??اء?? نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? سمورا قدم کڻندو. اين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي پاليسي م??جب فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ صل??حيتن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آهي.