اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پاڪستان ايسوسي??يش?? دبئي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسي??يش?? جو چيئرمين ڊاڪٽر ضياءَ الحسن، پاڪستان ايسوسي??يش?? دبئي جو صدر ڊاڪٽر فيصل اڪرام ۽ ممتاز مس??م شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ راءِ جو حق ڏيڻ جي ف??اهمي پر رقمن جي منتقلي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو.