اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ق??ضو ڪيو، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ق??اردادن جي شديد خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو آهي، ڏاڍ وڌڻ باوجود ڪشميرين ۾ آزادي جي تڙپ ۽ جذبو وڌيو آهي، دنيا جي ڪ?? به طاقت ان جذبي کي ختم نه ٿي ڪ??ي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم جي تاريخ 177 سال پراڻي آهي، جڏهن 1876ع ۾ انگريز سامراج اهو خطو 75 لک عيوض ڊوگره راجا گلاب سنگهه کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري ق??ضو ڪيو ۽ اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هن چيو ته جيئن جيئن جبر ۽ ظلم وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي جبري ق??ضو ڪري ڀارت نه رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ق??اردادن جي خلاف ورزي ڪ??ي پر پنهنجي آئين ۽ قانون جي به خلاف ورزي ڪ??ي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته دنيا ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم نظر نه ٿو اچي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اها حقيقت آهي ته جيئن جيئن ظلم وڌندو ائين ئي آزادي جو جذبو به فروغ وٺندو. آزادي جي ان جذبي کي د??يا جي ڪ?? به طاقت گهٽ نٿي ڪ??ي سگهي. هن چيو ته آزادي جي تحريڪ کي روڪي نٿو سگهجي، جيڪڏهن دنيا ۾ انصاف نه ٿين??و ته امن نه ٿيندو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪ??ميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي پرڏيهي وزارت کان شروع ٿي ۽ ڊي چوڪ ۾ پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد پڻ شرڪت ڪئي.