اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات با??ت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سائلين کي انصاف جي فراهمي ۾ با?? ۽ بينچ جو اهم ڪردار آهي، ضلعي عدالتن جي ??الت ۽ مسئلا وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندا آهن، اسلام آباد جون ضلعي عدالتون جڊيشل ڪامپليڪس ۾ منتقل ٿينديون. وڪيلن جي مسئلن ج?? حل لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، مولانا فضل الرحمان هر بال تي ڇڪو لڳائڻ چاهي ٿو تنهن هوندي به ان جي ??ئوٽ ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.