سيالڪوٽ – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو آهي ته نواز شريف جي ترجمانن سندس صحت جي حولي سان واويلا مچائي رکي هئي، شهباز شريف ضد ڪري مخالف ڌر اڳواڻ جو عهدو ورت?? ۽ ??اڻي پاڻ ئي ڇڏيو هليو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو ته حڪومت هڪ جهڙي تعليمي نظام ۽ نصاب تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ سموريون صوبائي حڪومتون وزيراعظم جي ويزن موجب پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهن اسان تعليمي پاليسي ۾ رڳو داخلا ئي نه پر جاب پورٽل پڻ ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن باصلاحيت نوجوان تعيلم کا?? فارغ ٿيندي ئي روزگار سان لڳي سگهن.