اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيڪي نادان دوست پرويز مشرف خلاف خاص عدالت جي فيصلي تي جهمريون هڻي رهيا آهن انهن ئي کا??نس حلف ورتو هو، پاڪ فوج ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي جي پليٽ فارم تي لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پنهنجي رت سان ملڪ ۾ امن جا ڏيئا روشن ڪيا آهن. پي آءِ ڊي ۾ اٽارني جنرل انور منصور خان سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ چيو ته عسڪري قيادت ۽ حڪ??مت قومي مفاد جي لاءِ هر محاذ تي اڳيان وڌندي داخلي ۽ خارجي محاذ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي آهي، معيشت جا مثبت اشارا پاڪستان کي عالمي سطح تي پذيرائي سڀني عالمي ادارن طرفان مثبت اشارن جي واکاڻ ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته عمران خان ۽ عسڪري قيادت گڏج?? ملڪ جي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪيو