اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جت?? ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر ج??وي?? باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وز??راعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اي?? ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پ??ش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.