اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پاڪستان ??اء?? هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي جنهن سان معيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، ??اڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آ??ي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آ??ي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دوري جي موقعي تي ان جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته دنيا پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناه?? ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.