اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ??لو??ل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر ع??يم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪست??ن جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مهارتن سان آ??استه ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.