بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪ – چين سدابهار اسٽ??يٽ??ڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – چين اسٽ??يٽ??ڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، ??ين?? سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حصيداري سان منعقد پاڪ – چين دوستي ۽ ڪاروباري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن ??ين?? معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪ چين سدابهار اسٽ??يٽ??ڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏيل احترام، اسٽ??يٽ??ڪ اعتماد ۽ گڏيل فائديمند تعاون تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي لاڳاپن تي زور ڏيندي هن پاڪ چين دوستي جي خصوصي ۽ منفرد ڪردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي پوري لٿي. وزيرا??ظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خوشحالي جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چين جي موقف کي ساراهيو. وزيرا??ظم بني نوع انسان جي گڏيل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي تهذيبي قدمن سميت ان سان لاڳاپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترقي جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن جي تڪميل ڪئي. سي ??يڪ کي پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حصي جي طور تي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم چيو ته سي ??يڪ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ چين اسٽ??يٽ??ڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيرا??ظم ??ين?? سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون تي زور ڏنو.