اسلام آبا??-14 ??ومبر (اي پي پي) سينيٽ جي ??رڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي جي ??يزبانيءَ ه??ٺ پاڪستاني قانونسازن ۽ اسپين جي سينيٽ معاملن جي ڪميٽي جي اعليٰ سطحي وفد وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سفارتي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي ترقي سميت ڪيترن ئي عالمي چئلينجز تي تعاون جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ۽ خوشگوار سفارتي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي پاڪستان ۾ اسپين جي سفير سميت هسپانوي پارلياماني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. هن اسپين ۾ هاڻوڪي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي روشني هسپانوي عوام سان گهري يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي اهڙيءَ طرح جي ??درتي آفتن سان پاڪستان پنهنجي تجربن جو ذڪر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ قدرتي آفتن خلاف تياري، امدادي انتظام ۽ بحالي جي ڪوششن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ هسپانوي عوام سان يڪجهتيءَ طور گڏ بيٺل آهيون. اسان هن قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي حڪمت عمليءَ تي تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. اجلاس ۾ پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي ه??ي ڏيڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي به زور ڀريو. هن اسپين سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي ??اڪستان جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي گڏيل قومن جهڙي گهڻ رُخي فورم ۾ گڏيل ڪوششن ذريعي، جتي ٻيئي ملڪ جٽادار ترقي، انساني حقن ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل مقصدن جي ??ڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته بهتر تعاون ذريعي اسان موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ معاشي عدم استحڪام جهڙن اهم عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهون ٿا ۽ وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال دنيا لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اقتصادي تعاون کي ه??ي ڏيڻ جي ??وقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن انساني امداد ۽ ترقياتي منصوبن ۾ گڏيل ڪوششن سان گڏوگڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ جٽادار ترقي جي ??دمن ۾ واڌ جي امڪانن تي روشني وڌي. هن ٽيڪن??لا??ي، تجديد جوڳي توانائي ۽ صحت جهڙن عام شعبن ۾ گڏيل پارلياماني ڪميٽين ۽ تحقيقي تعاون جي ??يام جي به تجويز ڏني. ملاقات ۾ اسپين ۾ موجود پاڪستانين جي ساراهه جوڳين خدمتن تي به روشني وڌي وئي ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۾ عوامي رابطن جي ڪردار تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌُرين تعليمي ۽ ڄاڻ جي ??ٽاسٽا جي ??روگرامن کي ه??ي ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته پاڪستانين ۽ـ هسپانوي جون ايندڙ نسلون گڏيل عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن. سينيٽر عرفان صديقي گهري تعاون ۽ گڏيل احترام جي ??ستقبل جي اميد جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي اُڀرندڙ عالمي مسئلن جي جواب ۾ پنهنجي ??رڏيهي پاليسين کي ه?? آهنگ ڪرڻ لاءِ باقاعدگيءَ سان سفارتي مشاورت جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان پارلياماني تعاون اسان جي سفارتي ۽ معاشي ناتن کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مان هڪ خوشحال ۽ تعاون تي ٻَڌل مستقبل جو منتظر آهيان. اجلاس ۾ اوپن ڊائلاگ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ کي اڳتي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر راڻا محمود الحسن، سيد علي ظفر، روبينه قائمخاني، محمد عبدالقادر ۽ سينيٽر لياقت خان ترڪئي ۽ـ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ملاقات کان پوءِ مانجهاندي جو اهتمام به ڪيو ويو.