اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اس??يڪ?? سيد غلام مصطف??ٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هميشه هڪ المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطف??ٰ شاهه بينظير ڀٽو شهيد جي 17 هين ورسي ت?? پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين ??ورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مخالف ڌر جي پهرين ??ورت اڳواڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئين ??ي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمندي سان غير جمهوري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏکيائيون برداشت ڪيون، هن هارين، مزدورن ۽ پٺ تي پيل طب??ن جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، شهيد محترمه جي شهادت سان ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اس??يڪ?? چيو ته چيئرمين ??لاول ڀٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي عمل ڪري ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.