اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه من??وب?? جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پاڪستان ان من??وب?? جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خ??تمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خ??تمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خ??تمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي غربت جي خ??تمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ من??وب?? تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي ص??ر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.