اسلام آباد – 04 ??يب??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والاريل ڪشمير تي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ?? سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، عالمي بر??در?? والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ??يا??ڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.