اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوا??ن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو آهي ته حڪومت سنجيدگي سان بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جي عمل کي اڳتي کڻي هلي رهي آهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ڦورن کان وڏي رقم بازياب ڪئي آهي، ان رقم کي ملڪ جي ترقي ۽ ع??ام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ??ڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتن جي دور ۾ بيدردي سان قومي ناڻو ڦري وڏي پئماني تي بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ ڪئي.