اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي ??دمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت بلتستان جي نوجو??نن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجو??نن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجو??نن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي ??والي سان وفاقي وزير جي ??جويز سان اتفاق ڪيو.