اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا پنج توس??ع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توس??ع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خ??رن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار ب??ياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توس??ع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماح??ل دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا پنج توس??ع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنج توس??ع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.