اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انفراسٽرڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ?? تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ ج?? لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انفراسٽرڪچر، بنيادي صحت ?? تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آبادي ج?? لاءِ ??نصوبا شامل آهن.