اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وڏو عرصو خساري ۾ رهڻ کانپوءِ هن سال پاڪستان ٽيلي ويزن 1.3 ارب روپيا منافعو ڪمائي رهي آهي.
پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دورن جي التوا جي ڪري اسان جو 30 ڪروڙ جو نقصان ٿي??، مون کي اميد آهي ته ايندڙ سال اسان منافع?? جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏينداس??ن. ??ن پي ٽي وي جي مينيجمينٽ ۽ ورڪرز کي ان ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.