اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي ??سپ??ڪر قاسم ??ان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ ??سپ??ڪر ۽ ڊپٽي ??سپ??ڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. ??سپ??ڪر ۽ ڊپٽي ??سپ??ڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر ۽ ڊپٽي ??سپ??ڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.