اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله ??ليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله ??ليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله ??ليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ڪ??نف??نس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قومي رحمت اللعالمين ڪ??نف??نس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله ??عاليٰ سندن ڪوششن کي قبول فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان علامه اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري هين.“ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چيو ته وزيراعظم اڄ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.