اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئ??ن تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي ??اضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل ??لا??قن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سهولتڪار ??و ڪردار ??دا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل ??لا??قن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن ??لا??قن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن ??لا??قن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار ??و ڪردار ??دا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آ??نده آهي ته پاڪستان جا اهي ??لا??قا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.