لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان پن??اب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڏني جن??ن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سول انتظاميه ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پن??اب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پن??اب رائو سردار علي خان به شريڪ ٿيا. وزيراعظم ??وبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحف?? لاءِ شرپسندن، ذخيرو ڪندڙن ۽ قبضي مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.