اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي، ??ڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي م??مبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سان مشاورت سان قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آدمشماري ڪرائڻ جي م??ظوري ڏيندي ”آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي م??ظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آدمشماري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آدمشماري مشاورتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، و??يراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آدمشماري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀلائي جي م??صوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي سال 21 -2020ع جي لاءِ سالياني رپورٽ جي م??ظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي ع??لدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي ع??لدرآمد جي حوالي سان سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپين جي لاڳت سان سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪو آهي. ان جي قيام سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورتن جي معاملي تي صوبن جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.