اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفي?? جي ترجمان عاصم ??فت??ار چيو آهي ته ??ار?? موجوده صورتحال کي وڌيڪ مُشڪل بڻائڻ جي لاءِ هڪ وڌيڪ جعلي فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ڪشمير تڪرار ۽ مظلوم ڪشميرين جي حقن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪندو رهندو، پاڪستان ??ار?? سميت پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پاڪستان، ??ين سان ترقياتي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چ??ني قيادت جي دعوت تي سرمائي ۽ اولمپڪس گيمز بيجنگ 2022ع جي ??فت??احي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مه??ني جي 3 تاريخ کان ??ين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪ ??ين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ??ين جي قيادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته پاڪستان بيجنگ ۾ ڪامياب سرمائي اولمپڪس جو منتظر آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي لاءِ گڏيل قومن جي 2030ع جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي آسان بڻائڻ لاءِ چ??ني صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل عالمي ترقياتي قدمن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ان سان دنيا کي درپيش ٽن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. جنهن ۾ ڪووڊ – 19، لاڳاپيل اقتصادي بحران ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن، ترجمان چيو ته گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ڪووڊ 19 جي صورتحال کانپوءِ معاشي بحالي سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري پائيدار ترقي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون جون نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ??ين مضبوط ترقياتي حصيدار آهن، اسان ??ين جي عالمي ترقياتي قدمن تحت ان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو ته پاڪستان ??ار?? سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميداري ??ار?? تي لاڳو ٿئي ٿي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ??ار?? جي تعصباڻي ۽ منفي رويي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه اچي رهي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڪشمير تڪرار ۽ مظلوم ڪشميرين جي حقن کي سمورن عالمي معاملن تي اجاگر ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ??ار?? قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قتل ۽ غارت جو سلسلو جاري رکيو آهي، هن سال جي آغاز کان هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪشميري جعلي مقابلن ۽ نام نهاد گهيراءُ ۽ گهر گهر تلاشي جي ڪاررواين ۾ عدالت کان مٿانهين قتل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ??ار?? جي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار??ي رياستي دهشتگردي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ??ار?? کي جوابده بڻائي، هن چيو ته هندستان کي عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل وادي ۾ آزاداڻي جاچ ڪرڻ جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، افغانستان جي حوالي سان ترجمان چيو ته اتي انسان تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائي جي ضرورت آهي.