اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ ”خريد ڪريو يا ڊيڄاريو“ جي موٽو تي ڪم ڪري ره?? آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جعلي اڪائونٽس جو نيٽ ورڪ جوڙيو، ملڪ مقصود، منظور پاپڙ وارو ۽ مشتاق چيني و??ري جي نالن سان اربين رپين جي ٽي ٽيز شهباز شريف ۽ ان جي ٻارن جي اڪائونٽس ۾ ويون، ٽي ڀيرا وزيراعظم ره??دڙ شخص چوي ٿو ته سندس ٻارن تي پاڪستان جو قانون ئي لاڳو نه ٿو ٿئي، نواز شريف پنهنجي عاليشان محلن ۾ ملاقاتون ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هي سندس گهر ئي نه آهي، شهباز شريف جڏهن وڏو وزير بڻيو ته هن مقامي حڪومتن جو نظام ختم ڪري و??يلا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، سڄو پئسو شهباز شريف اينڊ ڪمپني پنهنجي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائيندي ره??، عدليه کي اپيل آهي ته شهباز شريف جي ڪيسز جي ٻڌڻي عوام کي سڌوسنئون ڏيکاري وڃي، وزيراعظم عمران خان انهي نظام جو خاتمو چاهي ٿو، انهي لاءِ هن مقامي حڪومتن جو بااختيار نظام آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته عمران خان بااختيار مقامي حڪومتن جو نظام ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان کان اڳ ڪنهن به حڪومت اهڙي قسم جو نظام ناهي ڏنو جنهن ۾ مقامي سطح تي ماڻهن کي بااختيار بڻائي سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته 18 هين ترميم ذريعي اختيارن جي و??ڇ وفاق کان صوبن کي منتقل ڪئي و??ي پر صوبن کان ضلعن کي اختيار منتقل نه ٿيا، اڄ انهي جي ڪري شهرن ۾ مسئلا آهن، صوبائي حڪومت ڪراچي کي ان جو حصو نه ڏئي ره?? آهي، باقي شهر به انهي لاءِ پيسجي ره??ا آهن ته انهن کي انهن جو حصو نه ملي ره??و آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف مقامي حڪومتن جو جيڪو نظام آڻي ره?? آهي ان جي ذريعي نه رڳو نيشنل فنانس ڪميشن کان پئسو صوبن کي پر صوبن کان ضلعن کي به منتقل ٿيندو، ان نظام تحت ميئرز سڌوسنئون چونڊجندو جيڪو پنهنجي ضلعي کي هلائيندو. اهو ئي ماڊرن نظام نيويارڪ، لنڊن ۽ پيرس ۾ به هلي ره??و آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته بدقسمتي سان سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ماڻهن کي ان حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جهڙيون سهولتون به وٺڻ نه ڏنيون، لوڪل گورنمينٽ جي بنيادي سڌارن ۾ به سنڌ حڪومت حصو نه وڌو جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو ماڊل آهي ته وسيلا پنهنجي نامزد شخص وٽ رکيا وڃن، ٻنهي پارٽين اڪائونٽس جو نيٽ ورڪ جوڙيو، اومني اسڪينڊل ۾ 5 هزار جعلي اڪائونٽس ٺاهيا ويا، انهن اڪائونٽس ۾ پئسا جمع ڪرايا ويا، 12 ارب رپيا ريڪور ٿيا. هن چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته هن مقامي حڪومتون ختم ڪري سمورا وسيلا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هئا، ان کانپوءِ سڄو پئسو شهباز شريف اينڊ ڪمپني پنهنجي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائيندي ره??. هن چيو ته ملڪ مقصود رمضان شگر ملز ۾ چپڙاسي ڀرتي ٿيو، ان جي اڪائونٽ مان چار ارب رپيا نڪتا، منظور پاپڙ واري ۽ مشتاق چيني و??ري جي نالن سان اربين رپين جي ٽي ٽيز شهباز شريف ۽ سندس ٻارن جي اڪائونٽس ۾ ويون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان انهي نظام جو خاتمو چاهي ٿو، بااختيار مقامي حڪومتن جي نظام سان ئي اهڙي نظام جو خاتمو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف جي و??پس نه اچڻ جا سبب ٻڌائي، اسان جو مطالبو آهي ته شهباز شريف جو ڪيس عوام آڏو سڌوسنئون پيش ٿئي، ماڻهو به ڏسي سگهن ته ڪهڙي طريقي سان انهن ڪرپشن ڪئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته نواز شريف پنهنجي عاليشان محلن ۾ ميڊيا سان ملاقاتون ڪري ٿو ۽ انهن کي چوي ٿو ته هي منهنجو گهر نه آهي، ٽي ڀيرا وزيراعظم ره??دڙ چوي ٿو ته منهنجي ٻارن تي پاڪستاني قانون ئي لاڳو نه ٿو ٿئي. هن چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني ۽ زرداري اينڊ ڪمپني قوم جا اربين رپيا ڦريا، قوم ان پئسي جو حساب گهري ٿي، عوام جو حق آهي ته اها ڏسي سگهي ته انهن تي جيڪي الزام لڳا آهن اهي سچ آهن يا نه، اسان جي عدليه کي گذارش آهي ته انهن جي ڪيسن تي ٻڌڻي سڌوسنئون عوام کي ڏيکاري وڃي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ساڍا ٽي سال گذري ويا آهن، انهن کان ريڪوريون تمام ضروري آهن، انهن جو ٻار پيدا بعد ۾ ٿئي ٿو، محل ان جي نالي تي اڳ ۾ خريد ڪيو وڃي ٿو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي، ملڪي معيشت جو خراب حال هو، ڪو انفراسٽرڪچر نه هو، ائين لڳي ره??و هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ملڪ تي ٻيهر قبضو ڪري و??تو هجي، اسان کي 1947ع جي ويجهي و??ريون معاشي حالتون ورثي ۾ مليون جڏهن ملڪي معيشت ڪمزور ترين هئي. هن چيو ته اڄ ڪورونا جي باوجود پاڪستان ۾ ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو آهي، جڏهن پوري دنيا لاڪ ڊائون جو چئي ره?? هئي ته عمران خان مڪمل لاڪ ڊائون کان منع ڪري ره??و هو، عمران خان سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا ڪامياب ٿي، اڄ پوري دنيا پاڪستان جي حڪمت عملي تي عمل ڪري ره?? آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ بورس جانسن به چئي ره??و آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون طرف وڃون، اها ئي اها حڪمت عملي هئي جيڪا وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ جي عروج تي شروع ڪئي جنهن جي ڪري اڄ اسان جي معيشت مهفوظ آهي، اڄ في ڪس آمدني 1400 ڊالر مان وڌي 1650 ڊالر تي هلي و??ي آهي. هن چيو ته مهانگائي ٿي آهي پر آمدني ۾ به اضافو ٿيو آهي، 100 ڪمپنين 929 ارب رپين جو رڪارڊ منافع ڪمايو، ڪاروباري ڪمپنين کي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيستائين مالڪ ان بابت ڌيان نه ڏيندا، پگهاردار طبقو مهانگائي کي محسوس ڪندو ره??دو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اڄ ملڪي معيشت مستحڪم ٿي آهي، ملڪ جي اندر في ڪس قرضن جو بار به گهٽ ٿيو آهي، پاڪستان ٻيهر صحيح رخ تي گامزن آهي. هن چيو ته راڻا شميم ڪيس ۾ شريف فيملي عدليه تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪ??ي، شريف فيملي جسٽس (ر) سجاد علي شاهه جي خلاف پڻ اهڙي قسم جي سازش ڪ??ي هئي، ڪوئيٽا ۾ سازش ڪ??ي انهي سپريم ڪورٽ ۾ سجاد علي شاهه کي ڪم ڪرڻ کان روڪرائي ڇڏيو هو، شريف فيملي سدائين اهو چيو آهي ته ”خريد ڪريو يا ڊيڄاريو“ انهي موٽو تي شريف فيملي ڪم ڪري ره?? آهي. چارلس گوٿري جي ٽيپ سان به تصديق ٿي و??ي آهي ته نواز شريف راڻا شميم کي پاڻ وٽ ويهاري حلفيه بيان لکرايو، شريف فيملي ان جي ترديد ناهي ڪئي، نواز شريف کي ان معاملي تي سزا ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهزاد اڪبر زبردست ڪم ڪيو آهي، مشڪل حالتن ۾ هن ڪرپٽ ماڻهن کي بي نقاب ڪيو، شهزاد اڪبر پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر طور پنهنجو ڪم جاري رکندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ميئرز جي معاملي تي صوبائي قيادتون ڪم ڪري ره??ون آهن، ايندڙ سومر تي و??يراعظم کي فهرست پيش ڪ??ي ويندي، وڏن شهرن ۾ ميئرز جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته شهزاد اڪبر جي جڳهه تي و??يراعظم جيئن ئي نالو فائنل ڪندو ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جسٽس عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ جي جج مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، پاڪستان ۾ عورتن جي خودمختياري جي هوالي سان هي تاريخي قدم آهي، عورت جج جو سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ نئين پاڪستان جو رنگ آهي جيڪو اڄ ڏٺو پيو وڃي.