اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ علاج بدر??ن بيمارين ک??ن بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ سينٽر آف انوويشن ان ميڊ??ڪل يونيورسٽي ۾ آغا خان يونيورسٽي جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخ تي روشني وجهندي هن چي?? ته مهانگي علاج جي ڪري ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن خاص طور تي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿ??، صحت جي نظام ۾ بيمارين جي تدارڪ جي رخن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آغا خان يونيورسٽي سميت اسان جي اسپتالن کي ان رجحان طرف پنهنجو ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر چي?? ته ڊينٽسٽري جا 80 سيڪڙو عنصر آن لائين يا ورچوئل آهن. ملڪ ۾ نرسنگ عملي جي انگ ۾ نمايان اضافي جي لاءِ ڪيترائي نرسنگ ڪورسز ۽ پروگرام آن لائين ڪرائي سگهجن ٿ??. صدر چي?? ته چين عوام جي صحت جي نظام ۾ بهتري جي ذريعي پنهنجي 80 ڪروڙ شهرين کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. صدر آغا خان يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏن?? ته اهي معياري ۽ ٺوس عوام جي صحت جو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ مفڪرن، ماهرن جو گروپ قائم ڪري. ان کان اڳ صدر کي آغا يونيورسٽي پار??ن بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر کي ٻڌايو وي?? ته يونيورسٽي بنيادي تعليم، آئوٽ ريچ صحت خدمتن، امتحانن جي نظام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ ڪم جي ذريعي سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هي يونيورسٽي هڪ قومي اثاثو آهي. صدر آغا خان يونيورسٽي جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان کي ملڪ جي ٻين اهم اسپتالن جي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو.