اسلام آباد ??? 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪست??ن جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي لاءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندست??ن جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر ??چي ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي ??هي?? آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پ??رل??امينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پ??رل??امينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.