بيجنگ – 06 فيبروري (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چي??ي هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ??سٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي ??تفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي نوعيت جي آهي. هن چي?? ته امن ۽ خوشحالي ??ي حصيدار ??ي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان ڳ??لهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چي?? جي بنيادي قومي مفادن ??ي حمايت ڪئي آهي. هن چي?? ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چي?? ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. س?? پيڪ ??ي حوالي سان شاهه محمود قريشي چي?? ته س?? پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چي?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ س?? پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معياري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.