اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ي اعتمادي رٿ آڻ??ندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي عوام سڀاڻي ان سازش کي رد ڪري ڇڏيندي، انشاءَ الله اڄ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ ک??ن وڏو جلسو ٿيندو جنهن ۾ 10 لک ک??ن وڌيڪ ماڻهو عمران خ??ن کي خراج تحسين پيش ڪندا جنهن ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ ملڪ کي هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي ڏني، جلسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته ??هي گڏجي جلسو ڪري ڏيکارين ته ??يئن ماڻهو به جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لکين ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد طرف گامزن آهي، گلگت بلتستان مان 20 ڪلوميٽر ڊگهي ريلي اسلام آباد پهچي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو ان کان اڳ پاڪستان جي سياست ۾ ايترا متحرڪ نه هئا جيترا هاڻي آهن. خيبرپختونخواهه، پنجاب، ڪراچي، بلوچستان سميت پورو ملڪ تحريڪ انصاف جي رڳن ۾ رنگجي ويو آهي. هن چيو ته ??ڀاڻي 10 لک ک??ن وڌيڪ ماڻهو وزيراعظم عمران خ??ن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. هن چيو ته ??ي اعتمادي رٿ آڻ??ندڙن لڪي رشوت جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي عوام اڄ جي جلسي ۾ ان سموري عمل کي رد ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته ??والفقار علي ڀٽو کانپوءِ اڄ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عمران خ??ن جي ڪري آزاد آهي، پاڪستاني معيشت جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿيو آهي، پاڪستان جي عوام ملڪي ترقي جي خلاف سازش ڪندڙن جي سازش ناڪام بڻائيندي. هن چيو ته ??مورا رستا ۽ قافلا پريڊ لين اسلام آباد طرف آهن، جلسي جا سمورا انتظام مڪمل آهن، ميڊيا کي ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي. اڄ کان سمورن ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ مقامي جلوسن جون خ??رون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته ??وام ڊسپلين قائم رکي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي گائيڊ لائين تي عمل ڪيو وڃي، ڪنهن به جڳهه تي رستا بند نه ڪيا وڃن، هڪ پرامن احتجاج جي ذريعي اسان پنهنجي ليڊر ۽ وزيراعظم عمران خ??ن کي خراج تحسين پيش ڪنداسين، انشاءَ الله هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ ک??ن وڏو ميڙ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??لسا ڪرڻ سمورين پارٽين جو حق آهي، سمورن چورن کي چئلينج آهي ته ??هي گڏجي جلسو ڪن ته ??يئن ماڻهو به انهن جلسن جي ڀيٽ ڪري سگهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن جو جواب ??چي ويو آهي ته ??نهن پارٽي ضابطي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، هڪ ميمبر سان اسد عمر جي ميٽنگ ٿي رهي آهي، ان جو جواب به ??چي ويندو، اميد آهي چار اسيمبلي ميمبرن جو جواب اڄ ئي ??چي ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ??يم ڪيو ايم سان ملاقات ٿي آهي، اڄ (ق) ليگ سان ٿي رهي آهي، رات جو ٻيهر اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ عمران اسماعيل جي ايم ڪيو ايم سان ملاقات ٿيندي. چوڌري فواد حسين هڪ سوال تي چيو ته فيڪ نيوز وڏي بدقسمتي آهي، شهريار آفريدي ۽ غلام سرور جي ڳالهه ميڊيا تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي.