اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي و??ي، جي??ڏه?? اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگ??ي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ڪئي و??ي ٿي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، آرٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آرٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سف??ر هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سف??ر کي ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي و??ي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، جي??ڏه?? اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جي??ڏه?? اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي و??ي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي و??ي ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي و??ن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگ??جي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري آهيون، جي??ڏه?? اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگ??ي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.