اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر حن?? رباني کر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪابينا ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير جي چارج سنڀالي ورتي آهي. حن?? رباني کر پنهنجي نئين ذميواريون سنڀالڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پهتي ته پرڏيهي س??ڪر??ٽري سهيل محمود ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس استقبال ڪيو. پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ حن?? رباني کر ان کان ا?? فيبروري 2011ع کان مارچ 2013ع تائين پرڏيهي وزير رهي چڪي آهي. ان کان ا?? هو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير به رهي چڪي آهي.