اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روزيدارن جي لاءِ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندي عيد تائين 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 550 مان گهٽ ڪري پنجاب ۾ 400 ر??يا ?? رمضان بازار ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ??ڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته ب??قي صوبا به اهي قيمتون مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هن هدايت ڪئي ته پنجاب اٽي ۽ کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي امداد ڪري. هن چيو ته وف??قي حڪومت ضرورت موجب بلوچستان کي اضافي ادائيگي ڪندي.