اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تياري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي و??ير ساجد حسين طوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي و??ير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خ??ص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستاني پنهنجي سعودي ڀائرن سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳاپن کي خ??ص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي و??ري اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت ??ظم??ٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.