سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ ??يو آهي ته ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي ??يو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن ??يو ته ڪشميري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن ??يو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمو??ا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ ??يو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي لاءِ خطرناڪ ثا??ت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ ??يو ته خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.