اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته ٽي سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن جو م??صد ڀارت جي اها ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ هو جنهن تحت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان م??صد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪش??يرين کي بااختيار ڪرڻ ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل حدبندي ڪميشن والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت جي من ما??ي ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪش??يري شهيد ٿي چڪا آهن جن ما?? رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀارتي قابض فوج عدالت کان مٿانهين ??اق??ن ۾ شهيد ڪيو. ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪش??يري نوجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مقابلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪرڻ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.