اسلام آباد – 09 –; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امار??ت جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳ??پن کي ورجائيندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم گڏيل عرب امار??ت جي صدر سان ٽيليفو?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستاني شهرين سميت قيمتي جانين جي زيا?? تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امار??ت جي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي اپريل 2022ع ۾ گڏيل عرب امار??ت جي دوري دوران ڪيل فيصلن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن ا?? تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ حصيداري سميت واپاري ۽ اق??صا??ي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان کي ڪيترن ئي سالن کان فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي اجاگر ڪندي چيو ته امارات پاران پاڪستان ۾ مختلف اق??صا??ي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي تازي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت ۾ ڳنڍيل آهن، گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو ذريعو آهي ۽ هو 16 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.