اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر ر??انو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌ جي صوبي سکر، روهڙي، خير??ور?? ڪوٽڏيجي ۽ ??ري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي ??ا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ?? چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا.