اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صا??فين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صا??فين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صا??فين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صا??فين جي لاءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صا??فين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صا??فين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صا??فين جي بلن ۾ ا??لا?? ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صا??فين جي بلن کي گهٽ ڪيو وڃي. بجلي جي بلن جي تصحيح جي لاءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح لاءِ عملي جون موڪلون ختم ڪري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.